کورواهه (ن پا ) کورواھ ۾ جر کارو ٿي ويو حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا شهر کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ  ۾ ناڪام آهي، جنهن ڪري جر جو پاڻي واپرائڻ سبب ڪاري سائي جي بيماري ۾ واڌ ٿي وئي آهي،  هلندڙ مهيني دوران ڪاري سائي جا 62 ڪيس سامهون اچي ويا آهن. ان ڏس ۾  رابطو ڪرڻ تي صحت مرڪز کورواھ جي انچارج ڊاڪٽر غلام عباس خواجه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هلندڙ مهيني ۾ 365 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون آهن جن مان 62 ڄڻن کي ڪاري سائي پازيٽو آئي آهي جن جي ويڪسئين ڪريون  پيا ٻي پاسي شهرين قاضي ڪنڀار سلمان ميمڻ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر کي جلد فلٽر پلانٽ ڏنو وڃي ته جئين شهر جي 30 هزار کان مٿي آبادي بيمارين کي بچي سگهي.