کورواهه (ن پ ا) حضرت سومار فقير عرف بھار شاھ جي 86 ھين سالياني عرس مبارڪ ۽ ميلي جون ٽئين ڏينھن واريون تقريبون پڄاڻي کي پھتيون، عرس مبارڪ جي آخري ڏينھن تي ملھه راند جو فائنل مقابلو ٿي گذريو، جتي ملھه پھلوانن مراد پنھور، شريف موسيپوٽو، امير لاشاري، واحد جت، ڪولر زرداري، نديم ملاح، ارشد موسيپوٽو ۽ ٻين ملھون ماري خوب داد حاصل ڪيو ۽ ھزارين رپيا روڪ انعام حاصل ڪيو، ملاکڙي جي مھمان خاص شاڪر خان ملڪاڻي،سيد تاج محمد شاھ بابو احمد راھو نياز مخدوم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملاکڙو اسان جي سنڌ جي قديم ثقافت آھي، ميلا محبت امن رواداري ۽ سماجي سگھ جو درس ڏين ٿا، ھنن چيو ته ملھه راند اسان جي سنڌ جي قديم راند آھي، ملھه پھلوانن جي سرڪاري سطح تي پر گھور لڌي وڃي، ميلي جي آرگنائيزرن منظور علي مغل، منور علي مغل پاران آيل مھمانن کي روايتي سوکڙي سنڌ جي ثقافت بوسڪي جا پٽڪا ٻڌرائي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.