کورواھ (ن پ ا) ليڊر آف سيڪنڊري اسڪول کورواهه پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران پهرين ڊسمبر تي اعلانيل “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي عنوان سان ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام منقعد ڪيو ويو، جنهن ۾ استادن، شاگردن، والدين، سياسي، سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر راشد دائود پوٽو، شاعر ۽ اديب عبدالستار آڪاش ٽکڙائي، ايس يو پي جي نائب صدر امير حسن پنھور، ڪالم نويس ميان مير چانڊيو، ذيشان ڳنڀير ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ جي قديم ثقافت تي روشني وڌي ۽ تعليمي جي واڌري ۽ سجاڳي بابت ليڪچر ڏنو ويو، ان موقعي تي اسڪول آف ليڊرشپ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اصلاحي تقريرون ۽ ثقافتي ٽيبلو پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي، جڏھن ته علي محمد رند، عبدالغني چنا ۽ نورمحمد ڪنڀار پاران اسڪول جي استادن جبار سمون، امداد سمون، حنيف چانڊيو ۽ ٻين کي مڃتا طور سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ ھوشيار شاگردن ۾ انعام پڻ ورھايا ويا.