کورواھ (ن پ ا) يونين ڪائونسل کورواھ 2 جي چڪ نمبر 28 جي ڳوٺ کٻڙ ملاح جي سوين عورتن ٻارڙن ۽ مردن جو بااثر جي مبينا تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مسمات حنيفان، مسمات جنو، امينا بچي، سجاد علي، محمد ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان ھاري پورھيت ماڻهون آھيون، صدين کان اسانجو ڳوٺ اسانجي سروي زمين ۾ آھي اسانکي زمين تان بي دخل ڪرڻ لاءِ ٽي ڏينھن اڳ بااثر سيٺ ڪشو مل ھٿياربند ساڻ ڪري اسانجي گھرن ۾ داخل ٿي مردن جي غير موجودگي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس بااثرن کان پئسا وٺي اسانجي 30 کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن تي گولاڙچي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي،ھنن چيو ته اسانجي زندگين کي خطرو آهي اسانکي ڪجهه به ٿيو ته ان جا زميوار  سيٺ ڪشومل، واحد بخش مري، حسين مري ۽ سائينداد سمون هوندا، وسوارا نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪن. ٻي طرف سيٺ ڪشو مل جو چوڻ آھي ته زمين 2015 ۾ منهنجي ورتل آھي، جنهن زمين تي ملاح برادري جا ماڻهون قبضو ڪري ويٺل آھن، اسان پوليس وٺي زمين تي ويا هئاسين ته اسان تشدد  ڪيو ويو، ياد رهي گذريل ٻن مهينن مذڪوره زمين تي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي.