کورواھ (ن پ ا) کورواھ پوليس لغاري سم نالي ڀرسان ڇاپو هنيو، پوليس ڪارروائي دوران نامعلوم ڦورن پوليس تي مبينا فائرنگ ڪري ڏني، ڦورو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. پوليس موجب ھڪ جوابدار غلام نبي جت کي گرفتار ڪري سندس نشاندھي تي کورواھ لڳ زرعي فارم تان ڦر ٿيل 28 ڀاڻ جي ٻورين مان 10 ٻوريون هٿ ڪيوسين. گرفتار جوابدار جي نشاندھي تي پوليس پارٽي ڦورن جي رستا روڪ ڪري گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڦورن پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ ڦورو موقعو وٺي فرار ٿي ويا فرار ٿيلن جي سڃاڻپ غلام نبي جت ۽ ذولفي جت طور ٿي آھي. مٿن کورواھ ٿاڻي تي ڦر ۽ ڊيوٽي اٽڪا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ياد رھي ته ٻه هفتا اڳ کورواھ ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن ڪاشف آرآئين جي زرعي فارم تي ڪاھ ڪري 3 ملازمن کي يرغمال بڻائي 28 ٻوريون ڀاڻ جون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري کڻي ويا ھئا جنهن جو ڪيس کورواھ ٿاڻي 7 نامعلوم جوابدارن مٿان داخل هو.