کورواھ ( ن پ ا)کورواھ ميرپوربٺورو مين روڊ تي ڪارو گونگڙو ويجهو تيز رفتار مهراڻ ڪار ڪلٽي ٿي پئي  نتيجي ۾ 60 سالن جي عورت زاهده ميمڻ فوت ٿي وئي جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سجاد ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن ڪار سوارن جو تعلق کورواھ جي ميمڻ برادري سان آهي، ٻڌايو پيو وڃي تيز رفتار ڪار ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي کائي پاڻي جي کامي ڪري پئي جنهن  سبب حادٽو پيش آيو