کورواھه(ن پ ا) کورواهه واقعو: راهمون برادري جي 4 مقتولن جو ڪيس داخل، غفلت ثابت ٿيڻ تي ايس ايچ او معطل، نئون مقرر، ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿيو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب کورواھه ويجهو 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ الهبچايو راهمون ڀرسان زميني تڪرار تان قتل ٿيل راهمون برادري جي چئن ڄڻن مدد راهمون، انور راهمون، مجيد راهمون ۽ صديق راهمون جو قتل ڪيس هڪ ڌر پاران مقتولن جي وارث گلزار راهمون جي فرياد تي کورواھه ٿاڻي تي خاصخيلي ڌر جي گلشير خاصخيلي، مينهن وسايو خاصخيلي، محبوب خاصخيلي سميت 14 سڃاتل ۽ ٽن نامعلوم جوابدارن مٿان قلم 302 ۽ 324 داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي گلزار راهمون پاران موقف ڄاڻايو ويو آهي ته اسان خاصخيلي برادري کان ڏھه سال اڳ ۾ زمين ورتي هئي، جنهن ۾ هن وقت چيٽ جو فصل پوکيل هو، جيڪو لڻڻ وياسين ته خاصخيلي ڌر جي ماڻهن پاران حملو ڪري اسانجي چئن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي کورواھه پوليس ٻڌايو ته هڪ ڌر راهمون برادري پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، اسان گرفتارين لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته خاصخيلي ڌر پاران مقتول احمد خاصخيلي جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي امن امان تي ضابطو نه آڻڻ ۽ واقعي دوران غفلت ثابت ٿيڻ تي ايس ايچ او کورواھه شفقت زمان تنولي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس جڳهه تي انسپيڪٽر محمد خان ڪلوئي کي کورواهه ٿاڻي جو نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن خاصخيلي اتحاد جي سربراهه غلام مرتضيٰ خاصخيلي جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين وٽ ڳوٺ الهبچايو راهمون ۽ اڱاريو خاصخيلي پهچي ٻنهي ڌرين جي مقتولن جي وارثن سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي خاصخيلي اتحاد جي سربراهه غلام مرتضيٰ خاصخيلي ڌرين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي تي افسوس آهي، پر امن علائقي ۾ ننڍڙي ڳالهه تي وڏو نقصان ڪيو ويو، راهمون ۽ خاصخيلي ٻئي ڌريون ڀائر آهن، ٻنهي ڌرين کي هٿ ٻڌي التجا ٿو ڪريان ته هاڻي ڪا به ڌر اڳرائي نه ڪري، مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرايو ويندو، ان موقعي تي ساڻس لعل بخش خاصخيلي، قادر خاصخيلي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.