کورواهه مان اغوا ٿي ويل 2 مغوي بازياب، 5 لک ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

0
18
کورواهه مان اغوا ٿي ويل 2 مغوي بازياب، 5 لک ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول
کورواهه مان اغوا ٿي ويل 2 مغوي بازياب، 5 لک ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

کورواھه(ن پ ا)3 مهينا اڳ کورواھه ويجهو ديهه شورڪي جي ڳوٺ شھڪ چانڊيو جا مبينا اغوا ٿيل رهواسي پورهيت هاشم چانڊيو ۽ علي خان چانڊيو بازياب ٿي گهر پهچي ويا، ڳوٺ ۾ خوشي جو ماحول آهي، مغوين جي وارثن محرم چانڊيو ۽ ميوو چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ۾ ڀنگ ڀرڻ جي سگهه نه هئي تنهن ڪري قران پاڪ کڻي ڪشمور جي ڪچي جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ نيڪ مردن وٽ پهچي قران جا واسطا وڌا جنهن کان پوءِ ڌاڙيلن پاڻمرادو مغوي هاشم چانڊيو ۽ علي چانڊيو کي ڪشمور جي ڪچي واري علائقي مان آزاد ڪري ڇڏيو، ذريعن وٺان معلوم ٿيو آهي ته مغوي سياسي بااثر جي دٻاءَ تي بازياب ٿيا آهن ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي 5 لک رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن ياد  رهي ته 3 مهينا اڳ ڌاڙيل مزدوري بهاني پورهيتن کي گهرائي ڄامشورو مان اغوا ڪري ڪشمور جي ڪچي واري علائقي کڻي ويا هئا ۽ وارثن کان فون تي 20 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو جڏهن ته مغوين جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل ڪجهه دير زنجيرن مان کولي هلائيندا هئا وري زنجيرن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا.