کورواهه(رپورٽ: ابراهيم مخدوم) کورواهه شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، چونڊيل نمائندن پنهنجا منصب ماڻن بعد پنهنجي تڪ جي عوام کي وساري ڇڏيو آهي، شهر جو ڊرينيج سسٽم، واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا بڻجي وئي آهي، جڏهن ته روڊ رستا تباهه ۽ اسڪولن جون بلڊنگون زبون حال ٿي ويون آهن، جنهن سبب شهر واسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، ان حوالي سان شهرين محمد خاصخيلي، اظهار حيدري، پرويز مير ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چونڊيل نمائندن کورواهه کي گذريل 15 سالن کان نظرانداز ڪيو آهي، شهر ۾ڪوبه ترقياتي ڪم نه آهي ٿيو، جنهن سبب شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته 12 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا آهي، گندو پاڻي نيڪال نٿو ٿئي، جنهن ڪري شهر وچ ۾ گندي پاڻي جا تلاءَ ڀرجي ويا آهن، جنهن جي اٿلڻ سان گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ماڻهون بدبو سبب گهرن ۾ ويهي به نٿو سگهي، جڏهن ته شهر جو واٽر سپلاءِ اسڪيم پڻ تباهه حال بڻيل آهي، جنهن جون لائنون هنڌان هنڌان ٽٽي پيون آهن، جنهن ڪري گهرن تائين پاڻي نٿو پهچي، رهواسي پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته شهر جون اڪثر گهٽيون هلڻ جي لائق به ناهن رهيون، برساتن دوران شهر واسي شهر ۾ هلي نٿا سگهن، جڏهن ته شهر جا اسڪول گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول ۽ ايلنمنٽري ڪنڀار محلا اسڪولن جون عمارتون زبون حال ٿي ويون آهن، ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن جي ڪري سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پهنجي زندگي خطري ۾ وجهي تعليم پرائي رهيا آهن، هنن چيو ته شهر جا روڊ کورواهه چوڪ ۽ کورواهه کان بلڙي شاهه ڪريم ويندڙ مين روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي پٿرن جو ڍير بڻجي ويا آهن، روڊ تي بس مالڪن بسون هلائڻ بند ڪري ڇڏيون آهن، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته کورواهه شهر جا مسئلا حل ڪرائي شهر واسين جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن.