کھڙا (ن پ ا ) کهڙا ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ جسقم پاران سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف کهڙا روڊ تي ابل واھه جي پڪي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين خادم حسين رتڙ، ڪامريڊ محمد علي اڄڻ، قلندر بخش ناريجو، دربار علي ناريجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏينداسين سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو اعلان واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.