کھڙا (شوبز نيوز) کھڙا لڳ ڳوٺ پير عيسا ۾ درگاھ حضرت ميان پير عيسا جي سالياني عرس مبارڪ جي ميلي تي محفل موسيقي جي شاندار تقريب منعقد رپورٽ موجب کھڙا لڳ ڳوٺ پير عيسا ۾ درگاھ حضرت ميان پير عيسا جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو ميلي جي موقعي تي درگاھ جي احاطي ۾ محفل موسيقي جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ فنڪارن صنم سنڌو، وحيد نواز، صديق ناريجو ۽ ٻين صوفي ڪلام ڳائي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو ،درگاھ جي گادي نشين سردار ضياع الدين ميتلو ،فقير نياز حسين ميتلو ۽ ٻين آيل مهمانن اڳوڻي سيشن جج اقبال احمد ميتلو، اي سي خيرپور اقبال احمد جنڊاڻ ، لياقت علي چنا ،مولا بخش اڄڻ ،ڪامريڊ محمد ڏنو لاکو ،زاهد حسين ميتلو، مشتاقِ احمد ناريجو ۽ ٻين کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ميلي ۾ درگاھ جي پانڌيئڙن ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ميلي ۾ ٻارڙن جي تفريح لاءِ جهولا، چوڏيل، رانديڪن ۽ مٺائي جا دڪان لڳايا ويا هئا.