کهڙا (ن پ ا) کهڙا اسپتال ۾ ڊليوري دوران ٻارڙو فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي ۽ نرس تي لاپرواهي جو الزام، احتجاج، خبر موجب ڊليوري لاءِ آيل عورت جو ٻار فوت ٿي ويو، وارثن احتجاج ڪندي ڊاڪٽرياڻي ۽ نرس تي لاپرواهي جو الزام هنيو، ان ڏس ۾ عبدالغفار ڪليري، عبدالرحمان ڪليري، صدام ڪليري، نديم ڪليري، زمان ڪليري ۽ ٻين دانهيو ته عبدالغفار ڪليري گذريل ڏينهن گهر واري کي ڊليوري لاءِ کهڙا اسپتال وٺي آيو، جتي اسپتال ۾ موجود نرس ڪوثر اسان سان بدتميزي ڪئي ۽ ڊليوري ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرياڻي بهانا ڪندي رهي، هنن ٻڌايو ته عملي ڌڪا ڏنا ۽ چيو ته توهان جي ڊليوري اڄ نه ٿيندي، اسان منٿون ڪندا رهياسين پر هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي، جنهن دوران اسان جو ٻار فوت ٿي ويو، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر ياڻي ۽ نرس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هواڏنهن ليڊي هيلٿ وزيٽر ڪوثر راڄپر ٻڌايو ته رات جو 8 وڳي منهنجي ڊيوٽي ختم ٿي وئي هئي، جنهن بعد ايل ايچ وي منور سومرو ڊيوٽي تي آئي اسان ٻنهي ڊليوري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻار ۾ چر پر نه هئي، ۽ ٻار اڳواٽ ئي فوت ٿي چڪو هو، اسان ڪا به لاپرواهي ناهي ڪئي.