اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ واپار واري اڳوڻي وفاقي وزير نويد قمر ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڪا هڪ وزارت ناهي ڏيندي. احسن اقبال هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي الزام هنيو هو ته ملڪ ۾ کنڊ بحران جو ذميوار پ پ اڳواڻ ۽ تڏهوڪو واپار وارو وزير نويد قمر آهي، بحران بابت ان کان پڇيو وڃي. ڪالهه ساڳئي چينل نويد قمر کان معاملي تي موقف ورتو ته سندس چوڻ هو ته اسان کي ميرٽ تي ڏسڻو آهي ته برآمد جو فيصلو درست هو يا نه. کنڊ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڪا هڪ وزارت نه پر ڪابينا ڏيندي آهي. هن چيو ته اي سي سي اجلاس ۾ کنڊ برآمد ڪرڻ جو معاملو سامهون آيو، اسان وٽ کنڊ جي اضافي مقدار موجود هئي، ان ڪري برآمد جي اجازت ڏني وئي، پيداوار گھڻي هجڻ تي درآمد ڪرڻ گھرجي، نومبر ۾ ڪمند جي پيڙائي شروع ٿي ويندي. نويد قمر چيو آهي ته ذخيره اندوزن کنڊ روڪي ڇڏي آهي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، گھڻي اسمگلنگ ايراني بارڊر ذريعي ڪئي ويندي آهي.