ڪراچي (م ڊ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 5 رپيا وڌڻ کانپوءِ 225 رپيا ٿي وئي آهي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 230 رپيا في ڪلو به ملي رهي آهي ۽ گذريل 5 ڏينهن دوران کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 45 رپين تائين واڌ ٿي آهي. ٻئي پاسي پشاور ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 181 رپيا في ڪلو ۽ عام دڪانن تي 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ هول سيلز بازار ۾ في ڪلو کنڊ هڪ رپيو گهٽجڻ کانپوءِ 174 رپين جي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ريٽيل سطح تي کنڊ 185 رپين کان 200 رپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي.