ڪراچي (م ڊ) کنڊ جو اگهه وڌي ويو، ٻن ڏينهن ۾ کنڊ جو هول سيل اگهه 11 رپيا وڌي ويو. هول سيل مارڪيٽ ذريعن موجب هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو هڪ ڪلو 120 رپيا ٿي ويو آهي. هول سيل مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 2 ڏينهن دوران 11 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي، ڇنڇر تي ڪاروبار بند ٿيڻ تي هول سيل مارڪيٽ ۾ هڪ ڪلو کنڊ جو اگهه 109 رپيا رهيو.