لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران حڪومت کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث 13 وڏن ڊيلرن جا نالا ايف آءِ اي کي ڏئي ڇڏيا آهن. خانگي ٽي وي چينل موجب ذريعن جو چون آهي ته 13 ڊيلرن شگر ملز جا نمائدا آهن جيڪي مالڪن سان ملي کنڊ 90 کان 180 رپيا ڪلو تائين ؛ڻي ويا ۽ سڀني ڪارٽل ٺاهي اربين رپيا منافعو ڪمايو. ذريعن ٻڌايوته ايف آءِ اي ۽ ٻين ايجنسين ڪيترن ئي ڏينهن بعد به ڪنهن ڊيلر کي گرفتار ناهي ڪيو، خوشاب مان نعمان قريشي، ساجد ۽ توفيق جا نالا ايف آءِ اي کي ڏنا ويا آهن. سرگوڌا مان ڊيلر فاروق خان، قصور مان ملڪ عظيم، ڪراچي مان طلحه ڪپور ۽ جمال مصطفيٰ. چشتيان مان ڊيلر اويس بلال، فيصل آباد مان عمران، ميرپور مان وقاص، لاهور مان اشرف ۽ ملتان مان ڊيلر ارشد جو نالو ايف آءِ اي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڊيلر ماجد ملڪ جو نالو به ان لسٽ ۾ شامل آهي، هن وقت اهي سمورا ڊيلرز پنهنجن گھرن ۽ آفيسن مان غائب آهن. ايف آءِ اي مٿن ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب کنڊ ڊيلرن سان گڏ شوگر ملز جا مالڪ به گرفتار ٿي سگھن ٿا.