اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير راڻا تنوير سين جي سڪس اسلام آباد ۾ رمضان کنڊ اسٽال جو دورو ڪيو. رانا تنوير حسين چيو ته اسٽالن تي کنڊ 130 رپيا في ڪلو، يوٽيلٽي اسٽورن تي 153 رپيا في ڪلو موجود آهي. کنڊ جي قيمت 147 کان 148 رپيا في ڪلو آهي، صوبائي انتظاميه منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري. عوام کي سستي کنڊ فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم 20 ارب جي رمضان پيڪيج ۽ کنڊ اسٽالن ذريعي عوام کي رليف ڏئي رهيو آهي. کنڊ جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽرنگ جي ضرورت آهي. اسلام آباد انتظاميا ۽ صوبائي حڪومت کي کنڊ جي اگهن تي سخت نظر رکڻ گهرجي.