اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ مان کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي بابت رپورٽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، ذريعن موجب آءِ بي ۽ حساس ادارن جي مدد سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث 592 اسمگلرز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب رپورٽ ۾ اسمگلرز جي مدد ڪندڙ 259 سرڪار عملدارن ۽ ملازمن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب صوبائي حڪومتن ۾ مقرر اهلڪار اسمگلرز ۽ ذخيره اندوزن کي مدد فراهم ڪن ٿا، رپورٽ موجب پنجاب ۾ 272 ۽ سنڌ ۾ 244 سرڪاري اهلڪار اسمگلرز جا مددگار آهن، ڪي پي ۾ 56، بلوچستان ۾ 15 ۽ اسلام آباد ۾ 5 اهلڪار اسمگلرز جا ساٿاري بڻيل آهن.