دادو (رپورٽر ) دادو جي کنڀي گم ڪيل شاگرد تاج محمد پنهور کي ظاهر نه ڪرڻ خلاف 18 ڏينهن تي پڻ شاگرد جي پيءُ جي ايم پنهور، نبي بخش هاليپوٽو، جبار ٻٻر، غلام حسين لنڊ ۽ ذوالفقار پنهور جي اڳواڻي ۾ مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران هٿن ۾ بينر ۽ شاگرد جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوء دادو پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ، احتجاج ڪندڙن پاران شاگرد کي ظاهر نه ڪرڻ خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيو ته شاگرد کي کنڀي گم ڪرڻ کي هڪ مهينو ٿي ويو آهي، شاگرد کي ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي، سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جيڪڏهن شاگرد ڪو ڏوھ ڪيو آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.