دادو (رپورٽر ) دادو کان حيدرآباد ويندي کنڀي گم ڪيل شاگرد تاج محمد پنهور جو 28 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو ، شاگرد جي جبري گمشدگي خلاف 28 هين ڏينهن تي پڻ شاگرد جي پيءَ جي ايم پنهور ، ادبي سنگت جي رجب آزاد سولنگي جي اڳواڻي ۾ مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ شاگرد جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوء پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي آهي ، شاگرد پيءُ جي ايم پنهور ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تاج محمد کي کنڀي گم ڪرڻ کي 28 ڏينهن گذري ويا آهن ، پر کيس ظاهر ناهي نه ٿو ڪيو وڃي ، جيڪڏهن شاگرد ڪو ڏوھ ڪيو آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.