ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت، آءِ جي، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 21 مئي تي اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي، درخواستگذار جي وڪيل جميل احمد چيو ته محمد الياس کي ڪجهه ڏينهن اڳ اورنگي مان نامعلوم ماڻهو کنڀي ويا، کيس بازياب ڪرايو وڃي.