ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڀيلن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، ڊي آءِ جي (جاچ ) ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو، عدالت کنڀيلن جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهري ڪاشف ڪجهه ڏينهن کان ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان گم آهي، جنهن تي عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ايتري عرصي کان ڪيس جي پيروي ڇو ناهي ڪئي؟ جنهن تي  درخواستگذار چيو ته کنڀيلن جي زندگين کي خطرو آهي، پوليس يا ڪو ٻيو ادارو تعاون نه ٿو ڪري، سمورن کنڀيلن جي بازيابي لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي.