جيڪب آباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عدنان الڪريم جي عدالت ۾ عورت سلاونتي کي پوليس پاران مبينا کنڀي گم ڪرڻ جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار محمد علي ڪورار پنهنجي وڪيل ابراهيم لاشاري سان گڏ پيش ٿيو، جڏهن ته ايس ايچ او سٽي محمد حسن ملڪ، وڏو منشي فيروز مڱريو ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن محمد حنيف سرڪي پيش ٿيا، عدالت پاران ايس ايچ او کان سلاونتي بابت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڪٿي آهي، جنهن تي ايس ايچ او پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سلاونتي کي پوليس کنڀي گم ناهي ڪيو، ان خلاف ايف آئي آر داخل ٿيل آهي، جيڪا پاڻ گم ٿي وئي آهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايچ او سٽي محمد حسن ملڪ جي رپورٽ رد ڪندي ساڻس گڏ ايندڙ وڏي منشي فيروز مڱريو سوڌو 4 ڪلاڪن تائين ڪسٽڊي ۾ ويهاري ڇڏيو،عدالت پاران سرڪل آفيسر محمد حنيف سرڪي کان پڇاڻو ڪيو ويو ته پوليس خلاف سونا زيور هڙپ ڪرڻ جو سلاونتي ڪيس داخل ڪرايو، ان ۾ ڇا اڳڀرائي ٿي آهي، جوابدارن جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪيو ويو، سرڪل آفيسر جواب استدعا ڪئي ته اسان پنهنجي کاتي کي خط لکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اجازت گهري آهي، جيڪا ملڻ کان پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جنھن تي عدالت سرڪل آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوھان کي ان پوسٽ تي ڪنهن ويهاريو آهي، چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي لکيو ويندو ته اهڙي آفيسر کي معطل ڪيو وڃي، جڏهن ته سرڪل آفيسر کي به ڪسٽڊي ۾ ويهارڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ايس ايچ او سٽي محمد حسن ملڪ وڏي منشي فيروز مڱريو ۽ سرڪل آفيسر عدالت کان معافي گهرندي مهلت طلب ڪئي، جنهن کان پوءِ عدالت معاف ڪيو ۽ ٻڌڻي 19 مارچ تائين ملتوي ڪندي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ درخواستگذار جي وڪيل ابراهيم لاشاري ٻڌايو ته سلاونتي جي گهران 15 مهينا اڳ 80 تولن جا سونا زيور چوري ٿيا جنهن جي رقم هڪ ڪروڙ 60 لک آهي جيڪا چوري پوليس واپس ڪرائڻ کان پوءِ هڙپ ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ سلاونتي عدالتي حڪم تي اڳوڻي ڊي ايس پي اقبال شيخ، اڳوڻي ايس ايچ او عبدالرزاق ٽڳڙ اڳوڻي ايس ايچ او اياز پٺاڻ، وڏي منشي فيروز مڱريو ۽ علي شير خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو، ٻه مهينا اڳ سلاونتي کي کنڀي گم ڪيو ويو.