ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڀيلن وارن ڪيسن جي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن نالا جوابدارن واري لسٽ ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت وفاقي ۽ صوبائي گھرو سيڪريٽرين ، آءِ جي سنڌ، جاچ آفيسر ۽ ٻين ادارن کان 18 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران کنڀيلن بابت جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي عدالت پاران جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ ريمارڪس ڏيندي چيو ته کنڀيلن جي ڳولا ۾ لاپرواهي ڪندڙ جاچ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت حڪم ڏنو ته جاچ آفيسرن جا نالا جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪري روزانو اڳڀرائي واري رپورٽ کان آگاهه ڪيو وڃي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏھن جاچ آفيسر پيش نه ٿيا ته انھن کي به جوابدارن جو ساٿي سمجيو ويندو، عدالت سمجھندي ته انهن جاچ آفيسرن به شهرين جي گمشدگي ۾ مدد ڪئي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل حاڪم شيخ چيو ته اورنگي ٽائون مان گم ٿيل شهري ظفر جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن، هن وقت تائين گم ٿيلن بابت جي آءِ ٽي جا 10۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا 2 اجلاس ٿي چڪا آهن، جنهن تي عدالت چيو ته توھان کي ھڪ مھيني جو ٽائيم ڏنو ھو اوهان ڇا ڪري رهيا آھيو؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته اڳوڻو جاچ آفيسر ڪجهه ڏينهن اڳ بدلي ٿي ويو آھي، ھاڻي جاچ منهنجي حوالي آهي، عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته ھاڻي عوام جو صبر ختم ٿي رهيو آهي، عدالت وفاقي ۽ صوبائي گھرو سيڪريٽرين ، آءِ جي سنڌ، جاچ آفيسر ۽ ٻين ادارن کان 18 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي،