ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڀيلن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري فواد جي وارثن جي هٿ ڪيل فون ڪال نمبر جي سي ڊي آر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گم ٿيل شهرين جي وارثن کي50 لک معاوضي بابت ڊپٽي اٽارني کان به رپورٽ طلب ڪئي، عدالت کنڀيل محمد ڪامران جي درخواست تي به اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي، سرڪاري وڪيل چيو ته محمد ڪامران جي جاچ اي وي سي سي ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته محمد ڪامران ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان گم ٿيو آهي، جڏهن ته محمد جاويد لاءِ ڪيترائي ڀيرا جي آ۽ ٽيز ٿيون آهن، جنهن تي عدالت چيو ته توهان جي آءِ ٽي مٿان جي آءِ ٽي ٺاهيندا رهو، ڪو نتيجو به ڏيندئو يا نه؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته کنڀيل جاويد تي قتل ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي، جنهن تي عدالت چيو ته توهان ڪهڙي نتيجي تي پهتا آهيو؟ شهري پاڻ اغوا ٿيو آهي يا انڊرگرائونڊ ٿي ويو آهي؟ عدالت جاچ آفيسر کي جي آءِ ٽي جي حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته کنڀيل ڪامران بلوچ جي مائٽن کي حڪومت 5 لک معاوضو ڏنو آهي، جڏهن ته وفاقي وزير اعظم تارڙ بيان ڏنو هو ته کنڀلين جي وارثن کي 5 ملين (50 لک) معاوضو ڏنو ويندو، عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.