ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن سڳن ڀائرن سميت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ وفاقي گهرو سيڪريٽري، پرڏيهي آفيس، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻھن جو بازياب نه ٿيڻ پوليس ۽ سسٽم جي ناڪامي آهي، جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي سربراهن کي کنڀيلن جي ڳولا لاءِ هر رخ کان جاچ ڪرڻ گهرجي،