ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ منگهوپير سميت مختلف علائقن مان 10 کان وڌيڪ کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابيءَ بابت پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽن کي اسٽيريو ٽائپ قرار ڏئي وفاقي گهرو ۽ بچاءُ وارين وزارتن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته ٻنهي وزارتن پاران رپورٽون پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻئي وفاقي سيڪريٽري ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿي وضاحت پيش ڪن. عدالت پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽن کي اسٽيريو ٽائپ قرار ڏيندي چيو ته اسان اهڙين رپورٽن کي ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيا آهيون. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نعيم الدين کي منگهوپير مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. اشرف مينگل کي 2017ع ۾ کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن بابت اها خبر به ناهي ته هو زنده به آهي يا ناهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جنهن کي عدالت ۾ گم ڄاڻايو پيو وڃي، اهو بلوچستان ۾ سوشل ميڊيا تي ايڪٽو آهي، جنهن بابت لاڳاپيل ادارن کي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ترت ئي بريڪ ٿرو ٿيڻ جو امڪان آهي. ان موقعي تي گم ٿيل شهرين جي وارث عورتن دانهون ڪندي چيو ته اسان دانهون دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيون آهيون پر ڪير به اسان جي دانهن نه ٿو ورنائي. ڪو به ادارو ڪم نه ٿو ڪري. سڀ پاڻ ۾ مليل آهن جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو دانهون ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته روئڻ پٽڻ بجاءِ جاچ ۾ پوليس سان سهڪار ڪريو. جڏهن جاچ م اڳڀرائي ٿي رهي آهي ته ان ۾ مداخلت ڇو ڪريون؟ هڪ موقعي تي عدالت چيو ته اها به حقيقت آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ جي آءِ ٽيز جا 10 کان وڌيڪ سيشن ٿي ويا آهن، انهي باوجود گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به روايتي رپورٽون پيش ڪري ڇڏين ٿا. عدالت جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو ئي ناهي ته پوءِ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ ڌار ڌار رپورٽون جمع ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هڪ ئي ٽيپ رڪارڊ آڻي عدالت آڏو رکو.