کليل خط … سنڌ جو وڏو وزير پاڻ پڙهي

0
24
کليل خط ... سنڌ جو وڏو وزير پاڻ پڙهي

 سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ذهني صحت جي جڳ مشهور اداري سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري جو سرپرست آهي ۽ انکي ان اهم اداري جي قسمت جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن ۾ عمل دخل ۽ اختيار پڻ آهي. ڪجهه وقت کان اداري ۾ اتي جي انتظاميا جي تڪراري فيصلن سبب “مهاپاري” هلندڙ آهي. هڪ پاسي اهي آهن، جن جون حريص نگاهون هن اداري جي زمين تي آهن، جيڪي هن اداري کي ان جي بنيادي ڪم ذهني ۽ نفسياتي مريضن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ واري نيوڪلئس کان ٻاهر ڪڍي “مقصد جي مرڪز” کان پري ڪري، يونيورسٽي بنائڻ جي نالي ۾ سازش ڪري رهيا آهن (يونيورسٽي ٺاهڻ تي ڀلا ڪنهن کي اعتراض هوندو. اها ڪنھن به ٻئي هنڌ جوڙائي وڃي پر يونيورسٽي هن اهم، قديم، تاريخي اداري جي قيمت تي ڇو؟) ٻي ڌر, اھي ساڃاھ وند آهن، جيڪي چاهين ٿا ته هميشه وانگر ذهني سهولتون پهچائڻ وارو فيض عام هن اداري جو جاري رهي ۽ ان جي قديم حيثيت کي يونيورسٽي جي نالي ۾ گرهڻ نه لڳايو وڃي، پر ڏسجي ته موجوده انتظاميا پھرين ڌر جي سهولتڪاري ۾ بيٺل نظر ٿي اچي، جنهن جون نگاهون هن اداري جي زمين تي آهن. ايتري قدر جو سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ جي شق 50 جي ڀڃڪڙي ڪندي انتظاميا ذهني مريضن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کان به نٿي ڪيٻائي ۽ جيئن ته هن اهم اداري جي بورڊ آف گورنرز جي، هيلٿ منسٽر سنڌ چيئرپرسن آهي، پر حيرت اها آهي ته سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو نه ان اداري جي “سرپرست” ڪو نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي بورڊ آف گورنرز جي چيئرپرسن تحريڪ ۾ آئي آهي، هن اداري جي زمين جي حوالي سان ماڻھن کي ان ڪري به خدشا آهن، جو ھڪ بلڊز بورڊ آف گورنرز ۾ شامل آهي، هن اهم اداري ۾ انتظامي سطح تي ڇڪتاڻ تي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي ڳڻتي آهي، پر جي ڳڻتي ناهي ته اها نه هن اداري جي سرپرست کي ۽ نه ئي بورڊ آف گورنرز کي آهي. ايتري قدر جو پاڪستان سائيڪياٽري سوسائٽي (PPS)  کي پڻ ڳڻتي ورائي وٺي آهي، ۽ خبرن موجب، جنهن جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر ميان محمد محبتا سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي گذارش ڪئي آهي ته هن اداري جي ايراضي (زمين) ذهني مريضن جي صحت واري مشن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، اداري کي سياسي تعصبات بدران عدالتي فيصلي جي روشني ۾ هلايو وڃي، پاڪستان سائيڪياٽري سوسائٽي  (PPS) جي ٻن اهم عهديدارن سنڌ جي وڏي وزير (سرپرست) کي گذارش ڪئي آهي ته اداري ۾ پيدا ٿيل تڪرارن جو نبيرو اسٽيڪ هولڊرن جي وچ ۾  ڳالهين جي ذريعي ڪرايو وڃي، ان حوالي سان (پي پي ايس)  پنهنجي سهڪار جي پڻ خاطري ڪرائي آهي. اها خبر ناهي ته سنڌ جي وڏي وزير ان خط تي ڪو تحريڪ ورتو به آهي يا نه، پر ظاهري طور تي ته ڪو به قدم کڄندي نظر نه پيو اچي، اداري جي انتظاميا جي “ڇري” ويران وير وڌ آهي، پاڪستان سائيڪياٽري ڪائونسل (PPS) ڳالهين جي ذريعي ‘تڪرار’ جو نبيرو (اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾) ڪرائڻ جي سنڌ جي وڏي وزير کي صلاح ڏني آهي، پر اسان ان راءِ جا آهيون ته اهم اسٽيڪ هولڊر ته سنڌ جو عوام آهي، جنهن جا هن اهم اداري کي نقصان پهچائڻ وارن انتظامي قدمن خلاف ميڊيا ۾ تحفظات پڻ ايندا رهيا آهن، ڳالھ پڌري پٽ پئي آهي، جرڳو ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ ڳالھ آھي ان اداري کي بچائڻ جي، حريص ۽ تاڪائو نگاهن کي “نه” چوڻ جي، سنڌ مينٽل هيلٿ 2013ع جي سيڪشن 50  جي ڀڃڪڙي خلاف قدم کڻڻ جي. سر سي جي انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري کي جيئدان گهرجي. انتظاميا سان “ڍولڪ تي سنگت” ڪندڙن کي به سڀ ٿا سڃاڻن. ڳالھ آهي ھن اداري کي حاسد ۽ حريص نگاھن کان بچائڻ جي. سر سي جي انسٽيٽيوٽ جي خيمي ۾ يونيورسٽي جو اُٺ بيھارڻ واري فيصلي کي ڪنهن به ريت دانشمنداڻو نٿو چئي سگهجي. ملڪ مولا جو جام پيو آهي، سنڌ جي منتظمين جي سخاوت ته هونئن به مشهور رهي آهي ۽ اهي ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين عسڪري ادارن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيئي ٿا ڇڏين، انهن لاءِ يونيورسٽي لاءِ ڪجهه سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ ڪهڙي مشڪل ڳالھ آھي! يونيورسٽي جو بتن اھو حق به آهي. پر اھا يونيورسٽي سر سي جي انسٽيٽيوٽ جي قيمت تي نه ھجڻ گھرجي.

سماجي خدمت جو ادني’ ڪارڪن

محمد علي سمون