
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع منعقد، آمريڪا، چين، برطانيا سوڌو مختلف ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت، معدنيات جي حوالي سان مختلف ملڪن سان معاهدا به ڪيا ويا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان وٽ کربين ڊالرز جا معدني ذخيرا موجود آهن، پاڪستان معدني ذخيرن مان جبل جيڏن قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو، اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ زرخيز زمينون آهن، بلوچستان، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ معدني ذخيرا موجود آهن، ريڪوڊڪ رٿا التوا جو شڪار هئي، پر هاڻ اُن ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ جي ڪوئلي کي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪتب آندو آهي، هن چيو ته آمريڪا، چين ۽ يورپ سوڌو سمورن ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، عالمي سيڙپڪار هتان جو خام مال ڏيساور کڻي ويندا ته کين فائدو ٿيندو. آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي چيو ته اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم معدني صنعتن جي ترقيءَ کي يقيني بڻايو ويندو، پاڪ فوج سيڙپڪارن جي مفادن لاءِ مضبوط سيڪيورٽي فريم ورڪ کي يقيني بڻائيندي، آرمي چيف چيو ته عوام جي پيرن هيٺيان وسيع معدني ذخيرا، هُٿن ۾ هُنر ۽ شفاف معدني پاليسي هوندَي مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، بي عملي جي ڪابه گنجائش ناهي، پڪ آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ رهمنائي ڪندڙ ملڪ طور اڀرڻ لاءِ تيار آهي، آرمي چيف چيو ته اسان پرڏيهي سيڙپڪارن جي آجيان ڪريون ٿا، اُهي پنهنجي مهارت سان سيڙپڪاري جا وسيلا ڳولين ۽ وسيع صلاحيت جي ترقيءَ ۾ اسان سان ڀائيواري ڪن، آرمي چيف چيو ته هو بلوچ قبائلي اڳواڻن جي ڪوششن جي ساراهه ڪري ٿو، جِن کاڻين جي کوٽائي ۽ بلوچستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. معدني وسيلن جي تلاش، معيار، ريسرچ، کاڻ کوٽائي، ڊجيٽائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت چين، برطانيا، روس، ڏکڻ آفريڪا، ليبيا، آذر بائيجان سوڌو مختلف ملڪن سان معاهدا ڪيا ويا.