خيرپور: جيتوڻيڪ خيرپور ضلعي ۾ مختلف اميدوار جلسن ۽ ڪارنر گڏجاڻين جي صورت ۾ چونڊ مهم ۾ مصروف رهيا آهن پر سمورن اميدوارن طرفان خواجا سرائن (کدڙا فقيرن) ۽ معذورن کي چونڊ مهم جو حصو نه بڻايو ويو آهي، ڏٺو اهو ويو آهي ته کدڙا فقير ڪنهن به اميدوار جي چونڊ مهم دوران ڳائي وڄائي سندس پبلسٽي ڪندا آهن پر هن ڀيري ڪنهن به اميدوار خيرپور شهر جي چپي چپي تي موجود خواجا سرائن جي مڙهين تي وڃي ساڻن چونڊ مهم هلائڻ لاءِ رابطو ناهي ڪيو گڏوگڏ وهيل چيئرن تي جهنڊا ۽ بينر هڻي ورڪ ڪندڙ معذورن سان پڻ اميدوار رابطي ۾ ناهن آيا، جنهن ڪري معذورن جي چونڊ جلسن، ڪارنر گڏجاڻين توڙي ريلين ۾ شرڪت ٻُڙي نظر آئي آهي، ٻئي طرف عورتن جو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو ووٽ رجسٽرڊ هئڻ باوجود ڪنهن به پارٽيءَ عورتن جي مخصوص ڪارنر گڏجاڻيون يا جلسي ڪرائڻ جا قدم ناهن کنيا ويا جنهن ڪري سال 2024 جي چونڊ مهم دوران عورتن جو وڏو تعداد چونڊ سرگرمين جو محور بڻجي ناهي سگهيو.