حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽرانسجينڊرز پاران حيدرآباد ۾ ”سنڌ مورت مارچ“ ڪيو ويو. اهو مارچ راڻي باغ کان شروع ٿيو جيڪو شھباز بلڊنگ تائين پهتو. سنڌ مورت مارچ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان خواجه سرائن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته راڻي باغ ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ خواجا سرائن سان گڏ يڪجهتي طور سياسي، سماجي ڌريون ۽ عورت اڳواڻ به شريڪ ٿيون. خواجا سرائن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ساڻن ٿيندڙ ناانصافين خلاف نعرا هنيا جڏهن ته سندن هٿن ۾ کنيل بينرن ۽ پلي ڪارڊن تي سندن مطالبا به درج ٿيل هئا. خواجا سرا جهومندا ۽ ڳائيندا مارچ ۾ شريڪ ٿيا. راڻي باغ ۾ ٿيل تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار به يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي ٽرانسجينڊرز جي اڳواڻ بنديا رانا چيو ته 2009ع کان انهن ڪراچي جي پريس ڪلب ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ذريعي پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. 2 ڀيرا ڪراچي ۾ مورت مارچ ڪيو ويو ۽ هاڻي ٽيون ڀيرو حيدرآباد ۾ مورت مارچ ٿيو آهي جنهن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان خواجه سرائن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي.