نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ رڇ مفت کاڌي جي تلاش ۾ ٽينيسي جي هڪ ٽافين واري دڪان ۾ گهڙي آيو، ان منظر جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا، جڏهن  رڇ کي گيٽلن برگ جي سويٽ ڪينڊي اسٽور ۾ گهمندي ڏٺو ويو، سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏيکاريو يوو آهي ته رڇ بنا ادائگي جي اسٽور جي کاڌي جي شين مان مزو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته تماشائي تصويرون بڻائين ٿا ۽ ملازم ان کي دڪان مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ملازمن چيو ته ايئن لڳي ٿو ته رڇ کي چارلسٽن چيوز ۽ هرشي چاڪليٽ وڌيڪ پسند آيا، جهنگلي جانور کي اسٽور کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ گيٽلنبرگ پوليس ڊپارٽمينٽ کي واقعي واري هنڌ گهرايو ويو، واقعي ۾ ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه آهن.