ميرپورخاص: جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته درخواست گذارعدالت کي ٻڌايو ته کارسر جبل ڪارونجهر جابلو سلسلي جو حصو آهي جيڪو کارسر ڳوٺ وٽ قائم آهي. کارسر ننگرپارڪر کان 25 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۽ هن جابلو ٽڪري جي اوچائي 400 فٽ آهي. هن جبل ۾ هندو برادري جا مندر، سوامي هرداس پوري آشرم ۽ مسلمانن جو قبرستان موجود آهي کارسر مقامي ماڻهن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو اڪيلو وسيلو آهي. ان سان جبل مقامي ماڻهن جي فلاح ۽ جياپي لاءِ اهم بڻجي وڃي ٿو. ڪارونجهر سلسلي ۾ کوٽائي زمين جي ڪٽائي ۽ جيوت جي موت جو سبب بڻجندي، کوٽائي سان قدرتي وسيلا به متاثر ٿيا آهن.