ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) اسٽيٽ بينڪ صارف جي سڃاڻپ واري پاليسي بابت ريگيوليٽري گائيڊ لائينن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان 7 بينڪن تي 24 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو ، اسٽيٽ بينڪ جي ويب سائيٽ تي موجود تفصيلن موجب 30 جون تائين جي ايس بينڪ پاران صارف ( کاتيدار) جي سڃاڻپ، اثاثن جي معيار، ايف ايڪس ۽ جنرل بينڪنگ آپريشنز جي حوالي سان ريگيوليٽري هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان  سڀ کان وڌيڪ 8 ڪروڙ 51 لک رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو،  جڏهن ته حبيب بينڪ  تي 2 ڪروڙ 90 لک ۽ بينڪ آف پنجاب تي 1 ڪروڙ 72 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، واضح ر هي ته اسٽيٽ بينڪ 31 مارچ تي ختم ٿيل  ٽه ماهي ۾ 4 بينڪن عسڪري، البرڪه ، نيشنل بينڪ ۽ يو مائڪرو فنانس بينڪ تي 10 ڪروڙ  89 لک رپيا ڏنڊ وڌو هو