ٺٽو/ سجاول/بدين ( نمائندن وٽان) ٺٽي ۾ مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي گاڏي مٿان ٽماٽا ۽ بيضا هڻڻ جو 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري پوليس سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاهه گرفتار ڪري فيملي جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٺٽو مقتدر حسين جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو، جتي سيد جلال شاهه جي وڪيلن ايڊووڪيٽ اخترجماري، ايڊووڪيٽ اعزاز شاهه ۽ ايڊووڪيٽ شھباز ميمڻ پاران ضمانت جي درخواست داخل ڪندي دليل پيش ڪيا ويا، جڏهن ته عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاهه جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض کيس ضمانت تي آزاد ڪري ورتي آهي، هوڏانهن ٺٽي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾گھربل شهرين ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ پوليس پاران پڻ ڇاپن جو سلسلو جاري رکندي ايس ٽي پي جي هڪ وڌيڪ ڪارڪن جمال تارو کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آھي جڏهن ته ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي اڏاوت واري معاملي ۾ نواز ليگ سرڪار سڌي ريت شامل آھي. ٻئي پاسي سجاول ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جمن سنڌي ممتاز علي لغاري، ريحان بوبڪ، گل حسن رند، فاروق شيدي، دادا سنڌي، سڪندر علي آمڙو ۽ ٻين چيو ته ايس ٽي پي ٺٽي جي اڳواڻن ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا. ڪنهن به صورت ۾ سنڌو مٿان ڪئنال قبول نه ڪيا ويندا، سنڌ ۽ وفاقي سرڪار فوري طور فيصلو واپس وٺي.