اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ووئڻن جي فصل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ سنڌ مان آبادگار بورڊ جي اڳواڻ عمران بوزدار کي به شامل ڪيو ويو آهي. 15 رڪني ڪاميٽي ۾ خوراڪ وارو وفاقي وزير ڪنوير، ايم اين اي حسن طارق، سنڌ مان عمران بوزدار، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا زراعت جا سيڪريٽري شامل ڪيا ويا آهن.