ڦل(ن پ ا) ڦل شهر ۾ ڦل – نوشھروفيروز لنڪ روڊ ڀرسان واقع گرائونڊ تي شاھه لطيف والي بال ڪلب ۽ ڦل ڪلب والي بال ٽيمن وچ ۾ هڪ والي بال شو مئچ کيڏي وئي جنهن ۾ شاھ لطيف ڪلب جي ٽيم طرفان قاسم ڦل، سميع الله ڦل، ستار ڦل،محسن ڦل, شهزاد ڦل جڏهن ته ڦل ڪلب جي ٽيم طرفان عرفان ڦل، ساجد ڦل، فھيم ڦل، وحيد ڦل، اظهر ڦل ۽ ٻين بهترين راند پيش ڪئي، والي بال مئچ ۾ رانديگرن سيڪنڊ اسٽروڪ والي سميت راند جا مختلف گر استعمال ڪري شوقينن کان هوڪرا ڪڍرائي ڇڏيا، شاھ لطيف جي ٽيم جي رانديگر سميع الله ڦل، ستار ڦل والي ۽ اسٽروڪن ذريعي بهترين راند پيش ڪري ڏسندڙن کان ڪيش انعام ۽ خوب داد پڻ وصول ڪيو جنهن بعد شاهه لطيف ڪلب ٽيم 20/16 اسڪور تان مئچ کٽي ورتي مئچ جي مهمان خاص حاجي غلام محمد ڦل، محمد سلطان ڦل ،صحافي انيس الرحمن ڦل۔,جاويد ڦل کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان کي 3 هزار روپيا ڪيش ۽ ٽرافي جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم جي ڪپتان کي هڪ هزار ڪيش ۽ ٽرافي انعام طور ڏنا ويا والي بال مئچ دوران علائقي جا وڏي تعداد ۾ والي بال راند جا شوقين پڻ موجود هئا جن بهترين راند پيش ڪندڙ رانديگرن کي انعام سان گڏ ڀرپور داد پڻ ڏنو.