ڦل (ن پ ا) سني رابطا ڪائونسل طرفان پھرين محرم الحرام يوم شھادت حضرت عمر فاروق رضه جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مولانا عبدالاحد ڦل، مولانا شڪيل حيدري، مولانا عبدالحق ڦل، عبدالواجد  ۽ ٻين چيو ته حضرت عمر فاروق رضه اھو واحد صحابي رسول آھي جنهن کي مراد رسول ھجڻ جو شرف حاصل آهي، هنن چيو ته حضرت عمر جي اچڻ سان اسلام کي طاقت ملي، هنن مطالبو ڪيو ته حضرت عمر فاروق رضه جي شهادت واري ڏهاڙي تي سرڪاري سطح تي عام موڪل ڪئي وڃي،