ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان درگاهه ظاھر پير وٽ نامعلوم ھٿياربندن فريد لغاري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ھئا جنھن تي لغاري برادري پاران ڦل ٿاڻي اڳيان بدامني خلاف حاجي ڪوڙل لغاري، فريد لغاري، عبدالخالق لغاري جي اڳواڻي ۾ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن سبب ٽرئفڪ بند ٿي وئي. ھنن چيو ته ڦل شھر ۽ آسپاس بدامني تمام وڌي وئي آھي پر پوليس ڏوھارين کي سرعام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي. ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته گاڏي واپس ڪرائي وڃي. ٻئي طرف ايس ايچ او ڦل محمد رفيق ٻوھيو مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون يقين ڏياريو ته تمام جلد ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل گاڏي واپس ڪرائي ويندي جنھن بعد مظاھرين احتجاج ختم ڪيو.