ڦل(ن پ ا) هڪ هفتو اڳ مبينا زهر کائي فوت ٿيل ڦل واسي 4 ٻارڙن جي 30 سالا ناري رخسانه ماڇي جي وارث عورتن، مرد ۽ معصوم ٻارڙن جو پريس ڪلب ڦل سامهون ڦل نوشهروفيروز روڊ بلاڪ ڪري نٽهڻ اس ۾ ڦل پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي فوت ٿيل ناري جي ماءُ مجيدان ماڇي، ڏاڏي مسمات راڻي، صنم، عائشه ، مشتاق سيال ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ناري جي امڙ روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي کي ساجد عرف لوٽو، مجاهد سولنگي ۽ ٻين گڏجي زوري زنا ڪري هٿ سان مبينه زهر ڏئي ماري ڇڏيو آهي ۽ اسان ڦل ٿاڻي تي ايف آءِ آر لاءِ وياسين پر ڦل پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اسان جو آءِ جي، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو آهي ته اسان جي هٿ سان مبينا زوري زنا ڪري زهر ڏئي ماريل ناري رخسانه جي ايف آءِ آر داخل ڪري مبينه قاتل گرفتار ڪري جاچ ڪري معلوم ڪيو وڃي ته انهن سان گڏ ٻيا ڪير هيا ۽ اسان غريب مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي نه ته اسان سخت احتجاج ڪنداسين.