ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ بچل ڦل ڀيڏر ۾ ڳوٺاڻن فقير غلام علي ڦل، عبدالغفار ڦل، رحمت الله ڦل، محمد مٺل ڦل، انيس الرحمان ڦل، ماجد ڦل، علي محمد ڦل، منصور ڦل، بشير ڦل، محمد خان ڦل ۽ ٻين جو ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسين 30 سالن کان ھر بنيادي سھولت کان محروم آھيون، نه روڊ آهي، نه گيس آهي، نه نيڪال سسٽم آهي ۽ نه ئي وري سي سي پيور بلاڪ آهي، هنن چيو ته جيستائين اسان کي اسان جا بنيادي حق نه ملندا تيستائين ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏنو ويندو، جيڪو اميدوار مسئلا حل ڪندو ان کي ووٽ ڏينداسين.