ڦل(رپورٽ: خالد ميمڻ) ڦل ڀرسان گهٽي جي لنگهه تان جهيڙو، رٽائرڊ فوجي فائرنگ ڪري ڀيڻيوي سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ هاشم ڦل ۾ گهٽي جي لنگھه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ رٽائرڊ فوجي اسماعيل ڦل فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻيوي اڪبر ڦل ۽ عمران ڦل کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي نوشهروفيروز اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي ڄڻن جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان گهٽي جي لنگھه تان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن جا ڪيترائي دفعا معززن وٽ فيصلا پڻ ٿيا هئا پر ڌرين انهن فيصلن تي عمل نه ڪيو هو، ڪالهه اسماعيل ڦل بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀيڻوي اڪبر ڦل ۽ ايريگيشن ملازم عمران ڦل کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.