ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ديهه ڪلرو ڳوٺ سوڀو خان رند جي زرعي زمين تي ويٺل لغاري برادري جي شير علي ولد سوجھرو لغاري پنھنجي 18 ورهين جي غير شادي شده ڀاڻيجي حضوران لغاري کي ڪارنهن الزام ۾ ڦاھو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قتل ٿيل ناري حضوران لغاري جي ڀيڻ حرمت لغاري ٻڌائيندي چيو ته اسان جي ڀيڻ کي مامي شير علي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو آھي ٻئي پاسي جوابدار شير علي ولد سوجھرو لغاري ٻڌائيندي چيو ته مون پنھنجي ڀاڻيجي کي ڪاري ڪري ماريو آھي ۽ مون کي سندس قتل تي ڪو به پڇتاءُ ناھي، ٻئي طرف ڦل پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ نوشهروفيروز اسپتال کڻائي وئي. ڦل پوليس مطابق مبينه قتل ڪيل ناري مورو شهر جي رهواسي هئي ۽ ڪجھه ڏينهن اڳ پاڻ پنهنجي امڙ سوڌو مامي شير علي لغاري وٽ گهمڻ آئي هئي، جنهن کيس ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.