ڦل(ن پ ا)ڦل پوليس 5 ڏينهن اڳ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل زميني تڪرار تان قتل ٿيل 55 سالن جي چوپائي مال جي واپاري نورنگ لاشاري قتل ڪيس ۾ نامزد 17 جوابدارن مان 2 ٻيا به گرفتار ڪري ورتا گرفتار ٿيلن ۾ مولابخش ولد منظور لاشاري ۽ اسدالله ولد عبدالقيوم لاشاري شامل ياد رهي ته پوليس ٽي ڏينهن اڳ به نامزد 4 جوابدار غلام سرور لاشاري,امجد لاشاري,نظام لاشاري,نذير لاشاري پڻ گرفتار ڪيا هيا ان سلسلي ايس ايڇ او ڦل ڌڻي بخش بروهي ٻڌايو ته نورنگ لاشاري قتل ڪيس ۾ اسان اڳ به چارجوابدار گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ھيا ۽ اڄ وري 2 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن وٽان 2 پسٽل,ڪهاڙي ۽ لٺ به ملي آهي جن متعلق جاچ دوران جوابدارن ٻڌايو آهي ته اها ڪهاڙي ۽ لٺ مقتول جي قتل ۾ استعمال ٿيون آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ تمام جلد ڪيس ۾ نامزد ٿيل باقي رهيل جوابدار به گرفتار ڪري وٺنداسين