ڦلجي اسٽيشن (ن۔پ۔ا) ڦلجي اسٽيشن ۾ برسات جو پاڻي اڃا بيٺل آهي،  رهواسي مڙهه دفنائڻ لاءِ پريشان نظر آيا. ان ڏس ۾ صادق  آباد پاڙي جو رهواسي حاجي علي اڪبر ملڪ اچانڪ فوت ٿي ويو ، وارثن پاران سندس مڙھ کي برسات جي بيٺل گندي بدبودار پاڻيءَ مان گذاري قبرستان نيو ويو، جتي سوين آلين اکين سان سندس مڙھ کي مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ، ان موقعي تي فوتي جي وارثن قربان علي ملڪ ، علي نواز ملڪ ، امداد ملڪ،۽ ٻين ٻڌايو ته انظاميا جي نااھلي سبب اسين ڀوڳي رهيا آھيون،برساتن کي ڪيترائي مھينا گذرڻ باوجود اسان جي پاڙي مان برساتي پاڻي نه ٿو  ڪڍرايو وڃي، اڄ اسان پنهنجي پياري جي لاش کي دفنائڻ لاء لاش کي برسات جي بيٺل  گندي پاڻي مان گذاري قبرستان کڻائي ويا آھيون ،هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن توڙي ڊي سي دادو جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيا آھن پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار نه آھي ،پاڻي گندو ۽ بدبودار ٿي ويو آھي اسان جي پاڙي جا ڪيترائي معصوم ٻارڙا پيٽ جي خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن ،پر انتظاميا جي ڪن تي جونء نه ٿي چري،ڪروڙين رپيه پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ اچڻ باوجود ڦلجي شھر مان پاڻي نه ٿو ڪڍرايو وڃي جنهن سبب اسان پنهنجن پيارن جا جنازه گندي پاڻي مان گذارڻ تي مجبور آھيون ،اسين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي پاڙي سميت شھر جي مختلف پاڙن ۾ بيٺل برساتي پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي.