ڦلجي اسٽيشن(ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان پڪو واٽر موڙ وٽ 7 اڻڄاتل ھٿياربند ڦورن هٿيارن جي زور تي ڪار سوار ظھيرالدين پنهور کي روڪي ھزارين روپيه روڪ رقم ،موبائيل فون ۽ لکين روپين جي گھڙي ۽ سوني منڊي ڦر ڪري ويا،اطلاع ملڻ باوجود پوليس نه پھتي ،جڏهن ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ساڳئي ھنڌ تان ڦورن ڪار سوار ايس ايچ او رڪڻ سيد اصغر علي شاه کان هٿيارن جي  زور تي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ايس ايچ او هوائي فائرنگ ڪري جان بچائي ۽ ڦورو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا