دادو/ڦلجي اسٽيشن (نمائندن وٽان) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان مخدوم بلال ٿاڻي جي حد ڳوٺ خاصا چانڊيا ۾جوابدار عرفان چانڊيو پنهنجي زال چئن ٻارن جي ماءَ صائمه چانڊيو تي ڪارنهن الزام هيٺ گهر ۾ پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مٿي ۾ گوليون لڳڻ سبب عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي مخدوم بلاول پوليس پھچي لاش ايمبولنس ذريعي دادو سول اسپتال پهچايو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث مقتول نياڻيءَ جو لاش جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڄام خان چانڊيو کڻائي ويا ،لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ، رابطي تي ايس ايچ او مخدوم بلاول محمد خان سومرو ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتاسين ته عورت جو گوليون لڳل لاش پٽ تي پيل هو جنهن کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال دادو پھچايو، جتان ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، مخدوم بلاول ٿاڻي تي مقتولا جي پيءُ محمد هارون چانڊيو جي فرياد تي عرفان چانڊيو خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي مخدوم بلاول پوليس واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي.