ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: سجادالرحمٰن پنهور) صوفي بزرگ حضرت پير رکيل ريلائي جو 102هون ساليانو ميلو ملهايو ويو، ميلي جو افتتاح درگاھ جي گادي نشين پير گنبل شاھ چادر چاڙھي ڪيو، ميلي جي ٽنھي ڌمالن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند مرد توڙي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميلي ۾ مٺائي ۽ ٻارڙن جي رانديڪن جي دڪانن سميت چوڏيل، ڦرڻيون ۽ جهولا سجايا ويا جتي ٻارڙن راندين جا مزا ماڻيا، ميلي ۾ سنڌ جي ثقافت ڪوڏي ڪوڏي جي راند پڻ رچائي وئي جنهن ۾ سنڌ پنجاب جي ناليوارن رانديگرن حصو ورتو. پنجاب ٽيم ڪيپٽن رفيق شيخ جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته سنڌ ٽيم ڪيپٽن جانب عمراڻي جي اڳواڻي ۾ حصو ورتو. راند کٽيندڙ رانديگرن کي شوقينن پاران انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي شاهن فقير، پير نياز شاھ، فقير رياضت علي ۽ عقيدتمندن غلام حيدر ميلائي، سيد نويد شاھ، احمد حسن پنهور،گڊو مڱڻهار،گدا حسين، امداد علي برھماڻي، رانا نصرالله راجپوت، غوث بخش برهماڻي، نيڪ محمد پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو.