ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ۾ جسقم ڪارڪنن جو بجلي ۾ ھٿراڌو لوڊشيڊنگ توڙي مختلف پاڙن جا سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، شهرين محمد رمضان پنهور، لالا ظھير سومرو، نيڪ محمد پنهور، ايم عمر ٽائيگر سولنگي، فراز سرور پنهور،محمد نواز پنهور، ظفر علي جهتيال ،عمرالدين پنهور، بابو سولنگي ۽ ٻين چيو ته شديد گرمي ۾ ويھ کان ٻاويھ ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي ،بجلي بند هئڻ ڪري اسانجا ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن ،بجلي جي هٿراڌو لوڊشيڊنگ اسانجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ،بجلي بند هئڻ ڪري واٽر سپلاء اسڪيمون بند پيل آهن جنهن سبڀ اسين پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آهيون ،هنن وڌيڪ چيو ته شھر جي شفن آباد پاڙي، قاضي علي حيدر ڪالوني ، صادق آباد پاڙي سميت مختلف پاڙن جا ٽرانسفر سڙي ويا آهن ، انهن پاڙن جي ڪيترن مهينن کان بجلي بند آهي، هنن الزام هنيو ته لائن سپريڊنٽ ڪنڊا ڪنيڪشن لڳائي لکين روپين جي ماهوار ڪرپشن ڪري رهيو آهي ڪرپشن لڪائڻ لاء هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيو آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن توڙي  سيپڪو دادو جي اعلا اختيارن کي زباني توڙي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن جي به ڪن تي جونء نه ٿي چري، انڌير نگري وارو قانون آهي. شهر جا سڙي ويل سمورا ٽرانسفارمر ٺھرائي،  هٿراڌو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.