دادو ( رپورٽر ) ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ يوسف پنهور ڀرسان فصل جي ڀيل تان پنهور ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب 50 سال جو اصغر پٽ حسن پنهور مارجي ويو ۽ طارق پنهور زخمي ٿيو، ٻئي ڌر جا امان الله، نور حسن، رحمان کوسو، ڪمال الدين، نجم الدين، اسلام خاتون جمالي ۽ هڪ واٽهڙو اعجاز قمبراڻي زخمي ٿي پيا، جتان 30 سال جي نور حسين پٽ مولابخش ۽ مسمات اسلام خاتون کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي نور حسين جمالي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. لاش پوسٽ ماٽم لاءِ سول دادو آندو ويو ۽ اسلام خاتون کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو . ان کان اڳ قتل ٿيل اصغر پنهور جو لاش پوسٽ ماٽم بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هٿيارن سان مسلح ٿي ويا آهن.پوليس موجب ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان هڪ ڏينهن اڳ ٿيل منهن ماري تان واقعو پيش آيو. مقتول اصغر پنهور جي وارثن جو چوڻ هو ته امان الله کوسو وارن جي چوپائي مال مقتول جي ساريال فصل جي ڀيل ڪئي جنهن تان ٻه ڏينهن اڳ ٿيل منهن ماري کانپوءِ امان الله کوسو ۽ نجم الدين جمالي وارن گڏجي فائرنگ ڪري اصغر پنهور کي قتل ڪيو آهي.